ڊاڪٽر ڊرئگو

ڊاڪٽر ڊرئگو (Dr. Drago, Hermaneglid Marcos Antonio): ڊاڪٽر ڊرئگو، سنڌ جو مشهور ۽ غريب پرور ڊاڪٽر ٿي گذريو آهي. سندس تعلق عيسائي مذهب سان هو. سنڌ ۾ کيس صحت، تعليم ۽ سماجي ڀلائيءَ جي اعليٰ خدمتن جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ڊرئگو، هندستان جـي علائقي گـوئـا ۾، 28 فبروري 1907ع تي جنم ورتو. هو بمبئيءَ جي St. Xaviour ۽ Grant Medical College ڪاليجن مان پڙهيو. 1933ع ڌاري هي ميرپورخاص آيو، جتي هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. 1947ع ۾ برصغير جي ورهاڱي وقت ريل ذريعي هندستان کان ميرپورخاص ۾ پهتل زخمي ۽ بيمار پناهگيرن لاءِ ريلوي اسٽيشن تي ڪئمپ قائم ڪري، هڪ بي لوث خدمتگار طور سندن مرهم پٽي ۽ علاج ڪيو. سندس ان جرئتمندانه ڪردار کي ڏسي، 1950ع ۾ عيسائين جي پوپ Popo Pius XII، کيس Order of St. Gregory the Great جو خطاب ڏنو.
بيمار ٻارن ۽ عورتن جي علاج ڪرڻ واري جذبي هيٺ ڊاڪٽر ڊرئگو اڳتي هلي ميرپورخاص ۾ ٽي. بي سينٽر قائم ڪيو، جنهن کي هن پوءِ، اينيميا جي بيماريءَ جي روڪٿام لاءِ ’ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي مرڪز‘ ۾ تبديل ڪيو.
ڊاڪٽر ڊرئگو، ڪراچيءَ جي مشهور انسان دوست ڊاڪٽر رُٿ فاءِ سان گڏجي ميرپورخاص ۾ پنهنجي ڪلنڪ جي هڪ ڪمري ۾ ’ڪوڙهه‘ جي علاج لاءِ ڪِلينڪ کولي. ان کان سواءِ هن ڊاڪٽر رُٿ فاءِ سان گڏ صحت جي ڀلائيءَ جا ٻيا به ڪيترا ڪم ڪيا. 1981ع ۾ هن سرڪار جي پوليو جي بچاءَ لاءِ جوڙيل ڪميٽيءَ تي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هن هڪ عيسائي اداري ’ميڊيڪل مشن سسٽرز‘ (Medical Mission Sisters) جي سهڪار سان ميرپورخاص ۾ سينٽ ٽريسا هاسپيٽل ۽ ڪراچيءَ ۾ هولي فيملي هاسپيٽل به قائم ڪئي.
ڊاڪٽر ڊرئگو، 5 کان 12 سالن جي ٻارن لاءِ تعليمي سينٽر پڻ کوليا، جيڪي ٻار اڳتي پڙهڻ چاهيندا هئا، تن کي ’يونائيٽيڊ يوٿ فار اي يونائيٽيڊ ورلڊ‘ تنظيم طرفان اسڪالرشپون وٺي ڏيندو هو. هن جو اهو به ڪارنامو هو ته هن مختلف فرقن جي نوجوانن کي گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ همٿايو. هي روٽري ڪلب ميرپورخاص جي بنيادي ميمبرن مان هو ۽ ان جو گورنر به چونڊيو ويو. 1994ع ۾ کيس روٽري انٽرنيشنل اوارڊ سان نوازيو ويو. روٽري ڪلب جي گولڊن جوبليءَ جي موقعي تي سندس اعليٰ خدمتن عيوض عام ماڻهن ۽ روٽري ڪلب جي ميمبرن تمام گهڻو چندو گڏ ڪيو، جنهن مان هن ميرپورخاص ۾ ڊرئگو اسڪول ۽ هڪ گرلس اسڪول کوليا. 1967ع ۾ پاڪستان سرڪار طرفان کيس پهريون ڀيرو تمغه امتياز ۽ ٻيو ڀيرو سندس وفات کان پوءِ، 2002ع ۾ ساڳيو اعزاز ڏنو ويو. غريبن سان محبت ۽ مروت، خدمت ۽ ايثار سبب کيس ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص جا ماڻهو اڄ به ياد ڪن ٿا. سنڌ جي هن انسان دوست ڊاڪٽر 16 جنوري 1999ع تي ميرپورخاص ۾ وفات ڪئي. ڊاڪٽر ڊرئگو کي چئن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو. سندس چار ئي ڌيئرون ڊاڪٽر آهن، انهن مان هڪ ڌيءُ ڊاڪٽر فلومينا ڊرئگو جانسن، والد جي قائم ڪيل ’سينٽ ٽريسا هاسپيٽل‘ کي سنڀالي ٿي ۽ هُوءَ ميرپورخاص جي هڪ اهم سماجي اڳواڻ آهي.


لفظ ڊاڪٽر ڊرئگوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو